پيار تان صدقي

پيار تان صدقي: آر. ڪي فلمز پاران جاري ڪيل سنڌي پيشڪش تي مشتمل هيءَ فلم ايس. واءِ احمد جي هدايتڪاريءَ هيٺ ٺهي. فلم جا پروڊيوسر اي. رزاق ۽ ايم، قاسم هئا. عڪاسي آغا امام جي هئي ۽ موسيقي غلام عليءَ ترتيب ڏني. فلم جي اداڪارن ۾ مشتاق چنگيزي، چڪوري، نرگس، عرفان، محبوب عالم، گل منير، رمضان ۽ اي. آر بلوچ ۽ ملڪ انوکو شامل هئا. هيءُ فلم شاليمار سئنيما حيدرآباد نشاط سئنيما سکر، نگار سئنيما لاڙڪاڻي ۾ پردي تي ڏيکاري ويئي. هيءَ فلم 1974ع ۾ رليز ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو